خواجه احمد دمائي

خواجه احمد دمائي: خواجه قاضي احمد دمائي 1112 هه/ 1700ع ڌاري تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري جي ڳوٺ ’احمدين‘ ۾ پيدا ٿيو. هيءُ ڳوٺ ٽلٽيءَ جي ڀرسان آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد محمد صديق کان ورتائين. ان کان پوءِ سيوهڻ جي مشهور عالم علامه عبدالواحد صديقي پاٽائيءَ کان سيوهڻ ۾ تعليم ورتائين. تعليم مڪمل ڪري، ديهه دِم، تعلقي قاضي احمد، ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، کيس لاکاٽ پرڳڻي جو قاضي مقرر ڪيو ويو.
خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو مريد ٿيو. خواجه قاضي احمد دمائيءَ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن ۾: ’شوق نامه‘ ۽ ’مڪتوبات شريف‘ مشهور آهن، جيڪي فارسيءَ ۾ لکيل آهن. عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم هو. سندس عربيءَ ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڏانهن لکيل خط دستياب ٿيو آهي.
16 ذوالقعد 1223 هه/ 3 جنوري 1809ع ۾ 109 سالن جي وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر قاضي احمد شهر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1809.01.03  عيسوي

16 ذوالقعد 1223 هه/ 3 جنوري 1809ع ۾ 109 سالن جي وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر قاضي احمد شهر ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاسم سنڌي پاٽائي
خلف بن محمد ديبلي
الرازي
سنگهار علي گڻسار
مير ابوالبقا بهرور علي سبزواري
سيد نور شاهه
سيد وريل شاهه
محمد ڪريم اصفهاني ٺٽوي
انڙ انڙائي
جتوئي غلام مجتبيٰ خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون